سردار سلطان احمد خان

سردار سلطان احمد خان: ناميارو سياستدان، سردار سلطان احمد خان ولد سردار محمد ايوب خان، سنڌ بلوچستان جي بابڙ پٺاڻ قبيلي جو سردار هو. شڪارپور تعلقي جي ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ 1900ع ڌاري ڄائو. هن ديرادون ڀارت مان تعليم حاصل ڪئي، سندس والد سردار محمد ايوب خان دهلي درٻار جو هڪ معزز رڪن هو. قيام پاڪستان کان اڳ سردار سلطان، شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. جنرل محمد ايوب خان جي دورِ حڪومت ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺي ڪافي سالن تائين يونين ڪائونسل سلطان ڪوٽ جو چيئرمين رهيو. سردار سلطان احمد خان سنڌ –بلوچستان جرڳا ڪاميٽيءَ جو اهم رڪن، جيڪب آباد ۽ سبي جرڳا جو به رڪن رهيو. هو فيصلن ڪرڻ ۾ سنڌ–بلوچستان ۾ تمام گھڻو مشهور هو ۽ سندس ڪيل فيصلو ٻيو ڪو به قبيلائي سردار بدلائي نه سگھندو هو. اهم ۽ ڏکين قبيلائي جرڳن جي فيصلن ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا سردار، سردار سلطان احمد خان کان مشورو وٺڻ لاءِ سلطان ڪوٽ ايندا هئا. سندس بابڙ قبيلي جي سردار جي حيثيت ۾ رسم تاج پوشي، سلطان ڪوٽ ۾ وڏن وڏن سردارن جي موجودگيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ ان وقت جي بلوچستان حڪومت جو وزير تيمور خان جوگيزئي پڻ شريڪ ٿيو هو.


لفظ سردار سلطان احمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو